پاڪ فوج ڪنهن به مهم جوئي جي خلاف مڪمل تيار آهي:آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج مادر وطن جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهي. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جهلم ڀرسان فوجي مشقن جي علائقي جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف لائن آف ڪنٽرول ماحول جهڙي هڪ بريگيڊ جي مشق جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ٽينڪ، اينٽي ٽينڪ ويپنز سميت مختلف ويپنز سسٽم سان فائرنگ مشق جو حصو هئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملٽي پل آرٽلري گنز ۽ هوائي فوج جا جنگي جهاز به مشق جو حصو هئا.  ان موقعي تي آرمي چيف جوانن جي بلند جذبي کي ساراهيندي چيو ته پاڪ فوج خطي ۾ امن ۽ مضبوطي جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ پاڪ فوج مادر وطن جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن چيو ته پاڪ فوج ڪنهن به مهم جوئي جي خلاف مڪمل تيار آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جوانن کي ٽريننگ ۽ پيشيوراڻي مهارت تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *