پاڪ فوج کي خطي کان ٻاهر وڌيڪ ڪنهن به فوجي مشن تي نه اماڻڻ جو اعلان

واشنگٽن (م.ڊ) پاڪستان واضح ڪيو آهي ته پاڪ فوج کي خطي کان ٻاهر وڌيڪ ڪنهن به فوجي مشن تي نه اماڻيو ويندو، پاڪ فوج جي عام رابطن واري اداري آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باوجوه آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي آمريڪي دوري جي پڄاڻي تي پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان جا هڪ لک 82 هزار فوجي جوان پهرين ئي پاڪ – افغان سرحد تي مقرر آهن، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان وڌيڪ ڪنهن مشن ۾ شامل ٿيڻ جو بار سهي نه ٿو سگهي.هن چيو ته وچ اوڀر جي ملڪن ۾ پير ڄمائيندڙ دهشتگرد تنظيم داعش هاڻ عالمي خطرو بڻجي چڪي آهي، جنهن کي سڀني ملڪن کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو، سندس چوڻ هو ته خوشقسمتي سان داعش جي حمايت ڪندڙن ۽ همدردن ان وقت پاڪستان ۾ قدم رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن عوام دهشتگردي مان تنگ اچي چڪو هو، ان ڪري پاڪستاني قوم هر قسم جي دهشتگردي کي رد ڪري ڇڏيو، پاڪ فوج جي ترجمان آمريڪا طرفان جوهري ٺاهه جو معاملو اٿارڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته جوهري ٺاهه جي معاملي تي پاڪستان بلڪل چٽو ڪيو ته ان جو اهو پروگرام پرڏيهي خطرن کان بچاءَ لاءِ آهي، هن ٻڌايو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف آمريڪي دوري دوران پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڀارتي مداخلت جي حوالي سان وزيراعظم نواز شريف جي دوري دوران جمع ڪرايل ڊوزيئر جي حوالي سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته ان قسم جا معاملا اهڙن دورن ۽ ملاقاتن بدران مناسب موقعي تي سفارتي سطح تي اٿاريا ويندا آهن، ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه جو چوڻ هو ته جنرل راحيل شريف ۽ آمريڪي قيادت ۾ ملاقاتن دوران ٻطرفن دفاعي لاڳاپن، خطي جي سلامتي ۽ افغانستان جي صورحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته آرمي چيف دوري دوران نائب آمريڪي صدر جو بائيڊن، پرڏيهي سيڪريٽري جان ڪيري ۽ بچاءَ واري وزير ايشٽن ڪارٽر سوڌو اعليٰ آمريڪي قيادت سان ملاقاتون ڪيون، پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته آرمي چيف جي دوري دوران آمريڪي قيادت سامهون ڪشمير مسئلو به اٿاريو ويو، جنهن جو خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ حل ڪڍڻ لازمي آهي، ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه افغان سرچاءَ واري عمل بابت چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته سرچاءَ واري عمل ۾ وڌيڪ دير نه ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي اڳتي وڌڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *