پاڪ فوج هن وقت ريپڊ ريسپانس فورس تحت سڄي ملڪ ۾ موجود آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته دهشتگردي هڪ رات ۾ ختم نٿي ٿي سگهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 10 هزار فوجي مختلف شهرن ۾ موجود آهن، دهشتگردي جي ڪارروائي تي ڪو به آواز ناهي اٿاريندوپر فوج ڪارروائي ڪندي آهي ته فوجين جو احتساب شروع ڪيو ويندو آهي. اسلام آباد ۾ پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته پاڪ فوج هن وقت ريپڊ ريسپانس فورس تحت سڄي ملڪ ۾  موجود آهي. هن چيو ته مختلف شهرن ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 10 هزار فوجي موجود آهن پر رڳو وفاق ۽ پنجاب آرٽيڪل 245 تحت فوج جي مقرر هئڻ جي درخواست ڏني آهي،جيڪڏهن،سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان درخواست نه ڏني ته فوج دستا واپس گهرايا ويندا. وفاقي گهرو وزير چيو ته ميڊيا دهشتگردن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏي، دهشتگردن جون ڌمڪيون ميڊيا تي بريڪنگ نيوز تي هلنديون آهن، اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل 8 ڏينهن کان ميڊيا انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، اميد آهي ته اڳتي به ميڊيا پنهنجي ذميوارين کان آگاهه هوندو. چوڌري نثار جو چوڻ هو ته جن پارٽين تي پابندي لڳائي ويندي آهي، اهي ٻين نالن سان ڪم شروع ڪري ڇڏينديون آهن، پابندي مڙهيل تنظيمن کي متبادل نالن سان ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي گهرو وزير چيو ته انٽرنيٽ ذريعي دهشتگردي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به دهشتگردن جا پروموشن روڪڻ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو پيو وڃي. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جي رابطن کي معطل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، هن وقت سول ۽ ملٽري سهڪار جي به ضرورت آهي، جيڪڏهن گڏجي قدم کنيا ويا ته فائدو ٿيندو. چوڌري نثار ٻڌايو ته غير قانوني سمون ۽ موبائيل بلاڪ ڪرڻ ڪرڻ ۾ کين عملي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن پر ان سلسلي ۾ به قدم کنيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *