پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ بيمثال قربانيون ڏنيون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چيو آهي ته ملڪ جي بچاءَ لاءِ پاڪ فوج جون بيمثال قربانيون آهن.جڏهن ته تاريخ شاهد آهي ته جوانن هميشه ملڪ جي حفاظت لاءِ پر عزم رهيا آهن. لاهور گيريزن جي دوري ۽ يارهين انفنٽري ڊويزن جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چيو ته کيم ڪرن ۽ حسيني والا سيڪٽرز۾ ڪاميابيون ان جو ثبوت آهن. هن چيو ته پاڪ –ڀارت جنگين، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ انفنٽري بي مثال ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. جوانن جي جوش ۽ جذبي تي فوج جي سربراهه کين سلام پيش ڪيو.هن جو چوڻ هو ته جوانن وطن جي بچاءَ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *