پاڪ فوج ضرب عضب آپريشن ۾ اثرائتو ڪردار ادا پئي ڪري، تنقيد مناسب ناهي: نواز شريف ،

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشڙيف چيو اهي ته دهشتگردي جي خلاف آپريشن جي نازڪ مسئلي تي قومي سطح جو اتفاق راءِ ضروري آهي سياسي استحڪام ۽ قومي اتفاق راءِ سان گڏ ئي ملڪ تعمير ۽ ترقي جي رستي تي اچي سگهي ٿو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج کي سڄي قوم جي حمايت حاصل آهي اهڙِن حالتن ۾ فوج جهڙي اهم اداري تي تنقيد نامناسب قدم آهي اربع تي هتي وزيراعظم هائوس ۾ هڪ سياسي مشاورتي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جا آفيسر ۽ جوان آپريشن ضرب عضب ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ کين پوري قوم جي حمايت حاصل آهي اهڙين حالتن ۾ فوج تي تنقيد نامناسب قدم آهي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فوج ۽ سياسي قيادت وچ ۾ هم آهنگي جمهوريت کي مضبوط ڪيو هن هم آهنگي جو مظآهرو آل پارٽِزڪانفرنسن جي فيصلن سان ٿي چڪو آهي جنهن ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت گڏيل طور تي قومي حدف طئي ڪيا هي عمل انهيءَ جذبي سان جاري رهڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *