پاڪ فوج جو خيبر ايجنسي ۾ آپريشن ”خيبر ون“ جو آغاز، 0 1 دهشتگرد مارجي ويا ، ڪيترائي زخمي، ٺڪاڻا تباهه

خيبر ايجنسي (م.ڊ) سيڪيورٽي فورسز خيبر ايجنسي جي علائقي باڙا ۾ آپريشن ”خيبر ون“ جو آغاز ڪري ڇڏيو جنهن دوران سپاهه ۾ شدت پسندن جا ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا. تفصيل موجب خيبر ايجنسي ۾ عسڪريت پسندن جي وڌندڙ ڪارواين بعد پاڪ فوج جمعي ڏينهن خيبر ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ به آپريشن ”ضرب عضب خيبر ون“ شروع ڪري ڇڏيو جنهن دوران اڪاخيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاروائي دوران 0 1 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 0 1 شدت پسند زخمي ٿيا. هوڏانهن سپاهه ملڪ دين خيل ۽ نالا ۾ سيڪيورٽي فورسز شدت پسندن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، آپريشن دوران سپاهه ۾ شدت پسندن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *