پاڪ فوج جو آپريشن ضرب عضب جاري آهي، جلد ئي ملڪ مان انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جو انت ٿي ويندو: صدر

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگردن جي خلاف پاڪ فوج جو آپريشن ضرب عضب جاري اهي جلد ئي ملڪ مان انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جو انت ٿي ويندو پاڪستان ۽ قزاقستان جي وچ ۾ ايئر لنڪ بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ايئر لنڪ بحال ٿيڻ سان ٻنهي دوست ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطو وڌندو ٻطرفو واپار کي به هٿي ملندي صدرممنون حسين اها ڳالهه قزاقستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير عبدالصالق کان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي جنهن صدر سانايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ پنهنيج ذميواري بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي صدر ممنون حسين قزاقتسان لاءِ نئين سفير جي حيثيت سان مقرري تي کيس واڌايون ڏيندي هدايت ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ تجارتي لاڳاپا وڌائڻ تي ڪوشش ڪن صدر چيو ته قزاقستان ۾ سيڙپڪار کي ٻڌايون ته پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جا قانون خطي ۾ سڀ کان بهتر آهن ۽ هو حڪومت پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو وٺن. صدر چيو ته دهشتگردن جي خلاف پاڪ فوج جو آپريشن ضرب عضب جاري آهي ۽ جلد ئي ملڪ مان انتهاپسندن ۽ دهشتگردن جي پاڙ پٽي ويندي صدر چيو ته قوم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ متحد آهي آپريشن ضرب عضب کان پوءِ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌيڪ وڌندا صدر چيو ته قزاقستان سان برآمدات کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي صدر هدايت ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تجارتي توازن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي صدر ممنون حسين چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ايئر لنڪ هڪ مسئلو آهي ۽ ان کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي صدر چيو ته وچ ايشيائي رياستون پاڪستان جي لاءِ وڌي منڊي ثابت ٿي سگهن ٿيون جتي پاڪستان گارمينٽس چانور ۽ کنڊ برآمد ڪري سگهي ٿو پاڪستان پنهنجون شيون وڪرو ڪري سگهي ٿو صدر چيو ته سڄي وچ ايشيائي رياستن ۾ ننڍيون ننڍيون زندگي جي ضرورتن جي گهڻي گهرج آهي پاڪستان هي شيون برآمد ڪري ان خال کي پورو ڪري سگهي ٿو صدر اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير قزاقتسان سان پاڪستان جي تجارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پوري دلچسپي سان ڪم ڪندو نامزد سفير ملاقات تي صدر جو شڪريو ادا ڪندي کيس يقين ڏياريو ته هو قزاقتسان سان خاص ڪري تجارتي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌائڻ تي توجهه ڏيندي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ خلوص نيت سان ڪم ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *