پاڪ عراق وچ ۾ هڪ جهڙي مذهبي تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم ٻطرفا ڀائراڻا لاڳاپا آهن: شاھھ محمود

بغداد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ هڪ جهڙي مذهبي تهذيبي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم ٻطرفا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان حڪومت زائرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ زائرين مئنجمينٽ پاليسي اختيار ڪري رهي آهي جنهن کي موثر بنائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪتب آڻڻيون پوندو پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي نجف اشرف ۾ نالي واري مذهبي اسڪالر ۽ علمي شخصيت آيت الله بشير حسين نجفي جي آفيس پهتو ته آيت الله بشير حسين نجفي ان جي آجيان ڪئي پرڏيهي وزير آيت الله بشير حسين نجفي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ اتحاد بين المسلمين، زائرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي پرڏيهي وزير چيو ته هر سال ٻن لکن کان وڌيڪ پاڪستاني بغداد، نجف ۽ ڪربلا ۾ مقدس هندن جي زيارت لاءِ عراق اچن ٿا پرڏيهي وزير اتحاد بين المسلمين ۽ فرقيواريت جي خاتمي لاءِ عالمن سڳورن پاران ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آيت الله بشير حسين نجفي پرڏيهي وزير جي آمد ي سندس ٿورا مڃيندي فلسطين ۾ قيام امن لاءِ شروع ڪيل سفارتي مشن جي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *