پاڪ سعودي لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش ڪندڙ ڪامياب نه ٿيندا: امام ڪعبه

اسلام آباد (بيورو) ڪعبي جي امام شيخ خالد الغامدي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا رشتا تمام گهڻا مضبوط آهن جنهن ۾ ڪو ڏار نه ٿو اچي سگهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش ڪندڙ ڪامياب نه ٿيندا. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ خالد الغامدي چيو ته هـُن پاڪستان ۾ حرمين شريفين لاءِ تمام گهڻي محبت ڏٺي ۽ ملاقاتن دوران محسوس ڪيو ته صدر کان وٺي عام شهري سڀ سعودي عرب سان گڏ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط آهن جن ۾ ڪو به ڏار نه ٿو اچي سگهي. ڪعبي جي امام چيو ته پاڪ سعودي لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش ڪندڙ ڪامياب نه ٿيندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني قوم هڪ عظيم قوم آهي، هتان جي عوام جي محبت کي هن اکين سان ڏٺو ۽ دل سان محسوس ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هــِي سندس پهريون دورو آهي پر آخري ناهي، پاڪستانين جي محبت سندس لاءِ عزت افزائي آهي. شيخ خالد الغامدي جو چوڻ هو ته نعمتن ۾ سڀ کان وڏي نعمت اسلام آهي ۽ مسلمان هڪ قوت آهي جن ۾ ڪي اختلاف ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *