پاڪ-سعودي قيادت جي ملاقات، سعودي عرب جي سلامتي کي اهم سمجهون ٿا: نواز شريف

رياض (اين اين آءِ) وزيراعطم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪستاني وفد سان گڏ سعودي عرب جي فرمان روا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينٽرل اوڀر جي صورتحال سميت ٻطرفو لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سعودي فرمان روا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان شاهي محل ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي قيادت پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گهرن رشتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ان موقعي تي سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ تازو ڇڪتاڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ذريعن مطابق وزيراعظم نوازشريف سعودي فرمان روا کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي کي اهم سمجهي ٿو ۽ ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي ڪنهن به خطري جي صورت ۾ سخت ردعمل جو مظاهرو ڪندو حرمين شريفين جو تحفظ پوري امت مسلمه جو فرض آهي ۽ پاڪستان به ان کي پنهنجو فرض سمجهي ٿو نوازشريف چيو ته پاڪستان امت مسلمه جي اتحاد جو حامي آهي هن سعودي عرب سميت سمورن خليجي ملڪن سان ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو حوالو ڏيندي چيو ته هو مسلم ملڪن ۾ اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي ذريعن مطابق وزراعظم مسلمانن جي يڪجهتي ۽ پاڪستاني عوام سان خاص لڳاءُ تي خادم حرمين شريفين سان تشڪر جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کيس قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو سعودي فرمان روا پاڪستان پاران سينٽرل اوڀر ۾ امن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستاني قيادت پاران ان معاملي ۾ ذاتي دلچسپي کي به ساراهيو. شاهه سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم نوازشريف کي ايران سان سعودي عرب جي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ هر مثبت قدم جي حمايت جو يقين ڏياريو ملاقات ۾ سعودي ڪابينه جا ميمبر ۽ شاهي خاندان جا فرد به شريڪ ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *