پاڪ-برطانيا جو سيڪيورٽي، دهشتگردي ، منشيات ۽ اميگريشن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانوي گهرو وزير چيو آهي ته اها ايم ڪيو ايم باني جي معاملي تي پاڪستان جي ڳڻتي سمجهي ٿي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه تي ڪيس ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، برطانوي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اهو پوليس ۽ سي پي ايس جو معاملو آهي ۽ اسان کي يقين آهي ته اهي صحيح اپاءَ وٺندا، گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ان معاملي تي ڪنهن به سطح تي اختلاف راءِ ناهي، هن جو چوڻ هو ته ان اشوءَ تي شفاف تحقيق سان متعلق بريفنگ تي مطمئن آهي. اسلام آباد ۾ گهرو وزير چوڌري نثار برطانوي گهرو وزير امبرروڊ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ جي ڳالهين ۽ معاهدن تي تمام گهڻو مطمئن آهي، هن جو چوڻ هو ته برطانيا سان پاڪستان جا مستحڪم تعلق آهن، هن چيو ته اسان وچ ۾ اهڙا ڪي به مسئلا نه آهن جيڪي ٻن ملڪن جي لاڳاپن ۾ رڪاوٽ وجهن، برطانوي گهرو وزير سان گڏ خوشگوار، مثبت ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، سيڪيورٽي، دهشتگردي ٽوڙ، منشيات ۽ اميگريشن تي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو. چوڌري نثار چيو ته برطانوي گهرو وزير سان رابطن جي ڏي وٺ جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون آهن، برطانيا سان ٻن معاهدن تي صحيون ٿيڻيون آهن، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي نڪته نظر کي سمجهو آهي، ٻنهي ملڪن گڏيل مسئلن کي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اميد ڪئي پئي وڃي ته برطانوي عملدار اڳتي به پاڪستان جو دورو ڪندا رهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *