پاڪ- ايران مختلف معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون، امن جي واڌاري لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مختلف شعبن ۾ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿيندا ويندا. گذريل ڏينهن ايراني صدر حسن رفسنجاني ۽ وزير اعظم نواز شريف وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. جڏهن ته بنهي ملڪن امن امان جي واڌاري لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق پڻ ڪيو. ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي بهتر لاڳاپن جو فائدو عوام کي پهچندو. پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ 2 سرحدي ڪراسنگ پوائنٽون جوڙيون وينديون. هن چيو ته ايراني صدر کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو. اميد آهي ته ايراني قوم صدر روحاني جي قيادت ۾ ترقي ڪندو. پاڪستان ۽ ايران گڏيل سهڪار کي توانائي سميت سمورن شعبن ۾ هٿي ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن ۾ گھاٽا ڀائپي وارا لاڳاپا آهن، ايراني صدر سان ڳالهين ۾ سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائن تي ڳالهه ٻول ٿي آهي. ان موقعي تي ايراني صدر حسن روحاني پاڪستاني قوم کي يومِ پاڪستان جون مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران علائقائي مسئلن جي حل تي اتفاق ڪيو آهي ۽ ٻئي ملڪ دهشتگردي خلاف پرعزم آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف گڏجي ڪوششون ڪرڻيون آهن. ٻنهي ملڪن جون سرحدون مضبوط ٿيڻ سان ئي ترقي ممڪن آهي. پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي سهڪار وڌائڻ جا وڏا موقعا موجود آهن. ايراني صدر حسن روحاني وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قيادت سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگھجي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي سلامتي اسان جي سلامتي آهي. ٻنهي ملڪن جون سرحدون محفوظ ٿيڻ سان گڏي فائدو ٿيندو. پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *