پاڪ انگلينڊ ٽيسٽ سيريز ۾ انگلينڊ کي برتري حاصل

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هن وقت تائين کيڏيل گڏيل ٽيسٽ سيريز ۾ انگلينڊ اڳڀري آهي. انگلش ٽيم 9 ۽ گرين شرٽس 7سيريزن ۾ ڪامياب رهي جڏهن ته 6 سيريز بنا نتيجيرهيون. تفصيل موجب پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 1954ع کان 2012ع تائين مجموعي طور 22 ٽيسٽ سيريز کيڏيون ويون، جنهن ۾ انگلينڊ 9 سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته پاڪستاني ٽيم 7 ۾ ڪامياب رهي ۽ 6 سيريز جو ڪو به نتيجو نه نڪري سگهيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 23 هين ٽيسٽ سيريز سڀاڻي کان شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *