پاڪ-افغان ڪرڪيٽ سريز 2022 تائين ملتوي، پي سي بي تصديق ڪري ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ رٿيل ڪرڪيٽ سيريز ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ-افغان سيريز افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي درخواست تي ملتوي ڪئي وئي آهي. سيريز کي ملتوي ڪرڻ جو فيصلو رانديگرن جي ذهني صحت کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو آهي. سيريز متلوي ٿيڻ بابت وڌيڪ چيو ويو آهي ته براڊ ڪاسٽ سهولتون ۽ فلائيٽ آپريشن جي بندش به سيريز ملتوي ٿيڻ جا مک ڪارڻ بڻيا آهن. پاڪستان ۽ افغانستان بورڊز 2022ع ۾ سيريز ري شيڊول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ون ڊي ميچز جي سيريز 3 کان 8 سيپٽمبر جي وچ ۾ سريلنڪا ۾ شيڊول هئي پر ڪابل تي طالبان جي قبضي توڙي سريلنڪا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون جي فيصلي بعد ايونٽ ملتوي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن نه رهيو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *