پاڪ افغان سرحد تي ڊرون حملو، 8 ڄڻا مارجي ويا

خيبر ايجنسي(م.ڊ) پاڪ افغان سرحد تي آمريڪا جي حملي ۾ 8 عسڪريت پسند مارجي ويا آهن، ذريعن مطابق ننگربار صوبي جي ڪوٽ گائون ۾ هي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ عسڪريت پسندن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڊرون حملو زيرو لائن تي ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪ افغان سرحد آهي، جڏهن ته عسڪريت پسندن جي ٺڪاڻي تي 2 ميزائيل فائر ڪيا ويا، ان ڊرون حملي ۾ ڪيترن ئي عسڪريت پسندن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، زخمين مان ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب وڌيڪ فوت ٿيڻ جا به خدشا آهن، عيني شاهدين مطابق حملي کان پوءِ به ڪافي دير تائين 3 ڊرون طيارا فضاءِ ۾ پرواز ڪندا رهيا، واضح رهي ته پشاور  ۾ آرميپبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ حملي کان پوءِ آرمي چيف جنرل راحيل شريف افغانستان جو دورو ڪيو هو جنهن ۾ افغان حڪام سان گڏ عسڪريت پسندن جي خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. آرمي چيف ايساف ڪمانڊ سان به ملاقات ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *