پاڪپتن : گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٽيون ٻار به فوت. فوتين جو انگ 3 ٿي ويو

پاڪپتن(اي پي پي) گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٽيون ننڍو ٻار به زخمن جي سٽ نه سهڻ سبب فوت ٿي ويو. فوتين جو انگ 3 ٿي ويو. تفصيل مطابق 2 اپريل تي خواجه عزيز مڪي چوڪ ۾ الياس نالي شخص جي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ 3 ننڍا ٻار 7 سالن جو علي حسنين، سندس وڏي ڀيڻ 12 سالن جي ملائيڪه بي بي ۽ 10 سالن جي عائشه سخت زخمي ٿي پيا هئا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب لاهور آندو ويو هو، 2 ٻارڙيون اڳ  ۾ ئي فوت ٿي ويون هيون جڏهن ته گذريل رات ٽيون ٻار 7 سالن جو حسنين به زخمن جي سٽ نه سهڻ سبب فوت ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *