پاڪستان 62 بيلن ڊالر جي ٻاهرين قرضن ۾ ٻڏي چڪو آهي: سراج الحق

پشاور (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان 62 بيلن ڊالر جي ٻاهرين قرضن ۾ ٻڏي چڪو آهي، 15 سئو ملين سالياني ڪرپشن جي نظر ٿي وڃن ٿا، وياجي نظام الله سان جنگ آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ جو هر شعبو ۽ هر فرد افراتفري جو شڪار آهي، اسان جي سياست معيشت، تعليم گرز اهو آهي ته هر غلامي جي شعبني جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، پشاور ۾ حفظ قرآن ۽ ناظران مڪمل ڪندڙ شاگردن جي دستاربندي جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مفاد پرست حڪمرانن صرف ملڪ کي نه پر ايندڙ نسلن کي ٻاهرين قرضن ۾ ٻوڙيو آهي، جڏهن ته ڪرپشن جي لعنت اسان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته آمريڪا اسان جي حڪمرانن کي پنهنجي ڌوڪي ۾ رکيو آهي، جماعت اسلامي جي حڪومت آئي ته غريب ۽ ملڪ جي صدر جو پٽ هڪ ئي نصاب جا ڪتاب پڙهندا  وياجي نظام جو خاتمو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *