پاڪستان 13 سالن کانپوءِ هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي

 

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا کي 263 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 0-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل آخري ٽيسٽ ميچ جي قومي ٽيم پنهنجي ٻي اننگز 555 رنسن تي ڊڪليئر ڪندي سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 476 رنسن جو هدف ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 212 رنسن تي ڍير ٿي وئي.ميچ جي پنجين ۽ آخري ڏينهن سريلنڪن ٽيم پنهنجي رهيل اننگز 7 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسن کان شروع ڪئي ته نسيم شاهه پهرين ئي اوور جي پهرين بال تي امبلدينيا کي پويلين موٽائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ايندڙ اوور ۾ ياسر شاهه 102 رنسون ٺاهيندڙ اوشادا فرنينڊو جي اننگز جو به خاتمو آڻي ڇڏيو.سريلنڪا جو آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر وشوا فرنينڊو هو، جيڪو پڻ کاتو کولڻ بنا نسيم شاهه جو شڪار بڻيو ۽ ائين سريلنڪن ٽيم پنجين ڏينهن هڪ رنس به ٺاهي سگهي ۽ مهمان ٽيم جي 212 رنسن تي ئي اننگز پڄاڻيءَ تي پهتي.پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ياسر شاهه 2، محمد عباس، شاهين آفريدي ۽ حارث سهيل هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.واضح رهي ته قومي ٽيم ڪراچي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي هئي، جڏهن ته پهرين اننگز ۾ 271 رنسون ٺاهيون هيون.پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ شاندار واپسي ڪندي 3 وڪيٽن جي نقصان تي 555 رنسون ٺاهيون ۽ خاص ڳالهه اها هئي ته قومي ٽيم جي چئني ٽاپ آرڊر بيٽسمينن شان مسعود، عابد علي، ڪپتان اظهر علي ۽ بابر اعظم سينچريون اسڪور ڪيون.ياد رهي ته پاڪستان هوم گرائونڊ تي 10 سالن کانپوءِ کيڏيل پهرين سيريز کٽي ورتي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ قومي ٽيم 13 سال اڳ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.ٻئي طرف قومي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته هي ٽيسٽ ۾ اسان جو مشڪل سال هو. اسان کي هن ڪاميابي جي سخت ضرورت هئي.تفصيل موجب سريلنڪا جي خلاف تاريخي ٽيسٽ ميچ کٽڻ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته پاڪستان اچڻ تي سريلنڪا جي ٽيم ۽ بورڊ جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان. سريلنڪا جي ٽيم پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏي پوري قوم جو دل کٽي ورتو آهي.اظهر علي چيو ته عابد علي ۽ شان مسعود جي پارٽنرشپ سريلنڪا کان ميچ ڦري ورتو. اسان کي سوڀ جي سخت ضرورت هئي. هوم ڪنڊيشنز ۾ کيڏڻ ۾ تمام گهڻو مزو آيو، پرفارمنس به سٺي رهي.ياد رهي ته پاڪستان تيرنهن سالن کان پوءِ هوم  گرائونڊ تي ٽيسٽ ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو. قومي ٽيم سرلينڪا کي ڪراچي ٽيسٽ ۾ 263 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *