پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 3787 نوان ڪيس به رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينتر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 3 هزار 787 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ 57 ماڻهو فوت ٿي ويا، وڌيڪ 6 هزار 595 مريض صحتياب ٿي ويا هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.33 سيڪڙو ٿي وئي پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا هن وقت تائين 26 هزار 35 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن ڪرونا وائرس جي ڪل مريضن جو انگ 11 لک 71 هزار 578 ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ اسپتالن، آئيسوليشن سينٽرز وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 90 هزار 76 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 5 هزار 606 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 10 لک 55 هزار 467 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 59 هزار 745 ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 79 لک 31 هزار 365 ڪرونا ٽيسٽ ٿي چڪا آهن، پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 13 لک 88 هزار 268 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي ان وقت تائين ڪل 5 ڪروڙ 81 لک 56 هزار 714 ڪرونا وائرس جي ويڪسين جي خوراڪ ڏني وئي آهي جڏهن ته هن وقت تائين هڪ ڪروڙ 80 لک 4 هزار 529 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ هڪ دفعو ٻيهر 4 لک 35 هزار 159 ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪل فوتگيون 6 هزار 932 ٿي ويون آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪرونا جي وڌيڪ پکيڙ وارن شهرن ۾ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ، انڊور ۽ آئوٽ ڊور تقريبن تي پابندي هڻي ڇڏي وفاقي وزير اسد عمر جي اڳواڻي ۾ اين سي او سي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني اين سي او سي وزيراعظم کي ٻڌايو ته وبا جي وڌيڪ پکيڙ وارن شهرن ۾ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ جي اچ وڃ ۽ انڊور آئوٽ ڊور سمورين تقريبن تي پابندي وڌي وئي آهي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شادي جي تقريبن جي اجازت رڳو آئوٽ ڊور ۽ 300 ماڻهن جي شرڪت سان مشروط اهي اين سي او سي وزيراعطم کي ٻڌايو ته انڊور جم تي به پابندي لڳائي وئي آهي جڏهنت ه چونڊيل صلعن ۾ 4 کان 12 سيپٽمبر تائين اضافي اين پي آئيز لاڳو ڪيون وينديون بريفنگ ۾ چيو ويو ته پنجاب خيبرپختونخواه  ۽ اسلام اباد جي چونڊيل ضلعن لاءِ اين پي آئيز جو جائزو ورتو آهي بيماري جي وڌيڪ پکيڙ وارن شهرن ۾ انٽر سٽي ٽرانسپورٽ جي اچڻ تي پابندي هوندي اين سي او سي مطابق پنجاب ۾ سرگوڌا ، خوشاب، ميانوالي، رحيم يارخان، خانيوال، فيصل آباد، بکر، گجرات، گجرانوالا، ملتان، بهاولپور، لاهور راولپنڊي، سيالڪوٽ ۽ شيخوپوره ۾ اضافي اين پي آئيز لاڳو ڪيو ويندو بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اضافي اين پي آئيز خيبرپختونخواه جي هريپور، مالاڪنڊ، مانسره، صوابي، ڊيرا اسماعيل خان، سوات، ايبٽ آباد، پشاور ۾ به لاڳو ٿيندو. اسلام آباد ۾ به اين پي آئيز لاڳو هوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *