پاڪستان ۾ ڪورونا جا حملا جاري، 95 فوت، 3200 کان وڌيڪ نوان ڪيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 95 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 3221 نون ڪيسن جي تصديق به ٿي آهي. اين سي او سي موجب گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 48 هزار 181 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 3221 جو نتيجو هاڪاري آهي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.68 سيڪڙو رهي. انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 11 لک 5 هزار 300 آهي، جن مان 9 لک 93 هزار 304 صحت ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 95 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو ڪُل انگ 24 هزار 573 ٿي ويو آهي. انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 87 هزار 423 آهي، جن مان 4 هزار 896 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *