پاڪستان ۾ ڊرون حملن ذريعي 874 بي گناهه شهري قتل ٿيا: رپورٽ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي تنظيم ريپريو پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا، پاڪستان ۾ 24 گهــُربل دهشتگردن کي ڊرون ذريعي مارڻ جي ڪوششن دوران 8 سئو 74 بي گناهه شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن. عالمي تنظيم ريپريو طرفان ”يو نيور ڊاءِ ٽو وائس“ جي عنوان هيٺ جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا طرفان پاڪستان ۽ يمن ۾ گهــُربل دهشتگردن جي خاتمي لاءِ وڏي شدت سان ڊرون حملا ڪيا ويا آهنپر صورتحال اها آهي ته اهي ڊرون حملا رڳو 21 سيڪڙو تائين پنهنجا ٽارگيٽ حاصل ڪري سگهيا آهن. رپورٽ موجب عام طور جن دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڊرون حملا ڪيا وڃن ٿا انهن مان هــُو بچي ويندا آهن پر ڪيترائي بيگناهه شهري پنهنجي حياتين تان هٿ ڌوئي ويهن ٿا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ۽ يمن ۾ 41 اهڙا گهــُربل دهشتگرد آهن، جيڪي آمريڪي، پاڪستاني يا يمن اختيارين جي دعوائن موجب ڪيترائي ڀيرا ماريا ويا پر صورتحال اها آهي ته انهن 41 دهشتگردن مان 7 اڃا جيئرا آهن. رپورٽ موجب 41 گهــُربل ماڻهن مان 24 اهڙا دهشتگرد آهن،جن خلاف پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ڊرون حملا ڪيا ويا ۽ انهن مان هر هڪ کي اٽڪل 3 – 3 ڀيرا مارڻ جون دعوائون ڪيون ويون پر حقيقت ۾ 874 بي گناهه شهري مارجي ويا،جن ۾ هڪ سئو 42 ٻار به هئا. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته القاعده جي سربراهه ايمن الظواهري، ابو عبيده المصري، حقاني نيٽ ورڪ جي سراج الدين حقاني ۽ جلال الدين حقاني جي موجودگي واري اطلاع تي ڪيترائي ڀيرا ڊرون حملا ڪيا ويا پر انهن بدران 213 بي گناهه شهري نشانو بڻجي ويا. رپورٽ موجب رڳو ايمن الظواهري کي نشانو بڻائڻ لاءِ 76 ٻارڙن سميت هڪ سئو 5 ماڻهن کي موت جي منهن ۾ موڪليو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ايمن الظواهري،سراج الدين حقاني ۽ جلال الدين حقاني اڃا به زنده آهن پر ابو عبيده المصري هن دنيا ۾ ناهي پر هــُو ڪنهن ڊرون حملي ۾ نه پر طبي موت جو شڪار ٿيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *