پاڪستان ۾ ڀاڻ جي کوٽ ممڪن ئي ناهي، ڀاڻ جي اسمگلنگ تي نظر آهي: وفاقي وزير حماد اظهر ۽ خسرو بختيار

اسلام آباد (م.ڊ) پاڪستان ۾ ڀاڻ جي کوٽ ممڪن ئي ناهي، ڀاڻ جي اسمگلنگ تي نظر آهي، وفاقي وزير حماد اظهر ۽ خسرو بختيار طرفان ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنيز جي نمائندن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي،  وفاقي وزيرن چيو آهي ته ملڪ ۾ ڀاڻ 18 هزار رُپيا في ٻوري وڪرو ٿي رهيو آهي، ڀاڻ ٺاهيندڙ سمورن پلانٽس کي بنا ساهيءَ جي گئس ملي ٿي، ھنن چيو تھ 10 جنوري کان هڪ ڏينهن ۾ ڀاڻ جون 4 لک 40 هزار ٽن ٻوريون تيار ٿينديون، فيبروري ۾ ضرورت کان وڌيڪ ڀاڻ دستياب هوندو، آبادگار ڀائر پرواهه نه ڪن، ضرورت پوڻ تي چين مان به ڀاڻ گهرايو ويندو، حماد اظھر چيو تھ ملڪ ۾ يوريا جي ڪا به کوٽ ناهي، ريڪارڊ پيداوار جاري آهي، دنيا ۾ 11 هزار واري ٻوري اسان 18 سئو ۾ ڏئي رهيا آهيون، سستو ڀاڻ هئڻ سبب بليڪ مارڪيٽنگ ۽ اسمگلنگ شروع ٿي، ڪريڪ ڊائون کانپوءِ ڀاڻ جي اسمگلنگ گهٽجي وئي آهي، فرٽيلائيزر ڪمپنيز جي مالڪ موجب ذخيرا اندوز ڊيلرز جا لائسنس رد ٿيندا، خسرو بختيار چيو تھ فيبروري تائين وڌيڪ 44 لک ٻوريون گدامن ۾ هونديون، پنجاب بليڪ مارڪيٽنگ ۽ اسمگلنگ جي سخت نگراني پيو ڪري، سنڌ پاران اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، چمن ۾ پڪڙيل ڀاڻ به گهوٽڪي مان اسمگل ڪيو ويو هو، آبادگار مهانگو ڀاڻ خريد نه ڪن، هٿرادو کوٽ جلد ختم ٿي ويندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *