پاڪستان ۾ وڏو ٽئلينٽ موجود آهي پر اڳتي وڌڻ جا موقعا نه هجڻ برابر آهن: ماريا خان

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل ماريا خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ وڏو ٽئلينٽ موجود آهي پر اڳتي وڌڻ جا موقعا نه هجڻ برابر آهن، شوبز ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو هجڻ ڏاڍو ضروري آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ خوبصورت اداڪارا ۽ ماڊل ماريا خان جو چوڻ هو ته حڪومت کي سرڪاري سطح تي فن ۽ فنڪارن کي اڳتي وڌڻ لاءِ مناسب قدم کڻڻ گهرجي ته جيئن نئين ٽئلينٽ جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ماڊلنگ ۾ مصروفيتن سبب گهر لاءِ مناسب وقت ڪڍڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، مان پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪجهه جي به مداخلت برداشت ناهيان ڪندي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *