پاڪستان ۾ وڌيڪ 44 ڄڻا فوت، جولاءِ ۾ ڪورونا جي چوٿين لھر جو خدشو

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 44 فوتگيون ٿيون جڏهن ته 1052 نوان مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ جي شرح لاءِ 45 هزار 924 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن مان 1052 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي. اهڙي طرح ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.29 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا جي تصديقي مثبت ڪيسن جو انگ 952907 ٿي ويو آهي جنهن مان 897834 مريض شفاياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن ان وبا وڌيڪ 44 ڄڻن کي حياتين کي ضايع ڪيو. اهري طرح ملڪ ۾ هن وقت تائين ان وبا سبب فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 22  هزار 152 ٿي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ فعال ڪيسن جو انگ 32 هزار 921 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ٻئي طرف وفاقي وزير اسد عمر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ۽ ڪورونا جي حفاظتي ٽُڪن واري مهم درست طريقي سان جاري نه رهي ته پاڪستان ۾ خطرناڪ وبا جي چوٿين لهر به اچي سگهي ٿي. منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اين سي او سي اجلاس ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو آرٽيفيشل انٽيليجنس جي بنياد تي ورتو ويو جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ ۽ مضبوط ويڪسينيشن پروگرام جاري نه رهڻ جي صورت ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر جولاءِ ۾ اچي سگهي ٿي. وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا جي چوٿين لهر کان بچڻ جي لاءِ شهرين کان ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ويڪسينيشن ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *