پاڪستان ۾ هلندڙ سال 343 عورتن کي غيرت جي نالي موت جي ننڊ سمهاريو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل جو سلسلو جاري آهي ۽ هلندڙ سال 11 مهينن دوران 343 عورتن کي موت جي ور چاڙهيو ويو. پنجاب اسيمبلي ۾ غيرت جي نالي تي قتل ٿيندڙ عورت خلاف تحريڪ التويٰ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب هلندڙ سال 11 مهينن دوران 343 عورتن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته غيرت جي نالي تي سڀ کان وڌيڪ پنجاب، جڏهن ته سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ ترتيب وار ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي عورتن کي قتل ڪيو ويو. تحريڪ التويٰ ۾ پيش ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 58 عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته حڪومت عورتن تي ٿيندڙ ظلم جو سختي سان نوٽيس وٺي ۽ غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙن ڏوهن تي ضابطو اچي سگهي. واضح رهي ته 29 نومبر تي سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن تي تشدد جي روڪٿام لاءِ خاص ڏينهن ملهايو ويو هو، جنهن ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وڏي وزير جي عورتن بابت ترقي جي مددگار ارم خالد چيو هو ته غيرت جي نالي تي قتلن جي روڪٿام لاءِ قانون سازي جاري آهي، ان ڏس ۾ قانون جو ڊرافٽ به غور هيٺ آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *