پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 8.9 تائين وڃي سگهي ٿي: ورلڊ بينڪ

ڪراچي(م.ڊ) هلندڙ سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 8.9 تائين وڃي سگهي ٿي ورلڊ بينڪ خبردار ڪري ڇڏيو. ورلڊ بينڪ پاڪستان ڊويلپمينٽ رپورٽ جاري ڪئي جنهن موجب پاڪستان جي آءِ ايم ايف کان قرض معاهدي ۾ دير سان معيشت کي خطرا لاحق آهن. رپورٽ موجب ملڪي ۽ علائقائي سيڪيورٽي خطرا وڌي رهيا آهن، افغان صورتحال جي ڪري امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، معاشي اصلاحن جو عمل دير جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *