پاڪستان ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي ڏکيو هو: چوڌري نثار

لنڊن(م.ڊ) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي ڏکيو هو. ميڊيا رپورٽن موجب گھرو وزير چوڌري نثار لنڊن ۾ برطانيا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪ_برطانيا لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي برطانوي صلاحڪار پاران فاٽا لاءِ 10 لک پائوئڊ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. اها امداد فاٽا متاثرن لاءِ ڪڻڪ فراهم ڪرڻ تي خرچ ڪئي ويندي. فاٽا متاثرن کي 65 هزار ٽن ڪڻڪ ڏني ويندي. ان موقعي تي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار چيو ته پاڪستان ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ وارو فيصلو انتهائي ڏکيو هو ، اسان دهشتگردي گھٽ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن سان دهشتگردي جي واقعن ۾ واضح گھٽتائي ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *