پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول نهايت سازگار آهي: نواز شريف

برلن (م.ڊ) جرمن چانسلر انجيلا مرڪل اعلان ڪيو آهي ته جرمني پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ آزاداڻي تجارت جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ امن جي خاطر ٿيندڙ ڪوششن ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جڏهن ته افغانستان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي خاتمي ۽ ڀارت سان دوستاڻن تعلقن جو خواهشمند آهي جرمني پاڪستان ۾ توانائي جي شغبي ۾ سرمائيداري ڪندو ۽ ان حوالي سان هڪ خصوصي فورم قائم ڪيو ويندو وزيراعظم نواز شريف به جرمن چانسلر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني وزيراعظم نواز شريف ۽ جرمن چانسلر انجيلا مرڪل وچ ۾ ملاقات کانپوءِ خصوصي گڏيل پريس ڪانفرنسمنعقد ڪئي وئي جنهن دوران جرمن چانسلر چيو ته پاڪستان سان دوستاڻا تعلق رهيا آهن ۽ انهن تعلقن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ان حوالي سان وزيراعظم نواز شريف سان مفيد ڳالهه ٻولهه ٿي آهي هن چيو ته ڪيترن ئي معاملن تي پاڪستان کي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جا تعلق هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي سگهن اسان پاڪستان ۾ انرجي سيڪٽر ۾ سرمائيداري ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ان لاءِ خصوصي فورم جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جڏهن ته يورپي يونين ۽ پاڪستان ۾ آزاداڻي تجارت جي به مڪل حمايت ڪنداسين. ٻي طرف وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول وڏو سازگار آهي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڄمائڻ ۾ ڪنهن قسم جي پريشاني يا ڏکيائي کي منهن ڏيڻو نه پوندو پرڏيهي سيڙپڪار پنهنجو منافعو واپس کڻي وڃي سگهن ٿا اهليت ۽ شفافيت حڪومت جو طور طريقو آهي جرمن سيڙپڪارن جي سيڙپڪاري سان ٻطرفو واپار به وڌندو ديامير ڀاشا ڊيم ۽ داسو مان اٽڪل 9 هزار ميگاوات بجلي پيدا ٿيندي پاڪستان تي جي ايس پي پلس جو ڌرجو ڏيڻ لاءِ جرمني جي حڪومت جي تعاون جا ٿورائتا اهيون افغانستان جي نئين قيادت سن ويجها لاڳاپا ۽ رابطا قائم ٿيا آهن ايران ۽ چين سان پنهنجا لاڳاپا علائقائي سلامتي ۽ ترقي لاءِ مضبوط ڪري رهيا آهيون اسان کي خطي جو مستقبل روشن آهي برلن ۾ انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ نجڪاري ۽ سيڙپڪاري جو عمل نه صرف صاف ۽ شفاف پر عالمي ۽ بهترين معيار مطابق ٿيندو هن چيو ته پاڪستان جو شڪار دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سيڙپڪار دوست ملڪن ۾ ٿئي ٿو هتي سمورن شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن جن مان پرڏيهي سيڙپڪار فائدو وٺي سگهن ٿا توانائي جوشعبو اسان جي سڀ کان وڏي ترجيحي آهي اسان جي ان طرف سڀ کان وڌيڪ توجهه آهي جرمني کان پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ آزاد واپار جي معاهدي لاءِ تعاون جاخواهشمند آهيون پاڪستان تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ترقي ڏانهن تيزي سان وڌندو وزيراعظم نوازشريف چيو ته اسان 100 سيڪڙو فارن اونرشپ جي اجازت ڏيون ٿا ۽ منافعو، ڊيوڊنٽس ۽ ٻين فنڊن کي واسطيدار ملڪ جي ڪرنسي ۾ ٻاهر کڻي وڃڻ جي ڪائي حد مقرر ناهي ڪئي ويئي. هن چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته توانائي انفرااسٽريڪچر ڊيولپمينٽ فوڊ فارماسوٽيڪل ڪيميڪل انجنيئرنگ زراعت تي منحصر انڊسري مائننگ تيل ۽ گئس جي تلاش جي شعبي ۾ پرڏيهي براهه راست سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿئي هن چيو ته مون کي هن تاريخي شهر ۾ به ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن جي اجتماع کي خطاب جو موقعو ملڻ وڏي خوشي آهي هن چيو ته پاڪستان جا جرمني سان خاص لاڳاپا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *