پاڪستان ۾ رڳو 48 سيڪڙو مائرون پنهنجي ٻارن کي کير پيئارين ٿيون: وفاقي سرڪار جي سهڪار سان ٿيل سروي ۾ انڪشاف

لنڊن (بي بي سي رپورٽ) وفاقي سرڪار جي سهڪار سان ٿيل سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو 48 سيڪڙو مائرون پنهنجي ٻارن کي کير پيئارين ٿيون. وفاقي حڪومت جي سهڪار سان ٿيل قومي نيوٽريشن سروي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ رڳو 48 سيڪڙو مائرون پنهنجي ٻارن کي کير پيئارين ٿيون، شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اها شرح هڪجيتري آهي. اهڙي سروي سنڌ، پنجاب، ڪي پي، اسلام آباد، فاٽا ۽ ڪشمير توڙي گلت بلتستان ۾ ڪئي وئي. سروي ۾ 15 هزار گهرن جي ٻارن، سندن مائرن ۽ 10 کان 19 سالن جي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي نيوٽريشن (غذا) جي ڀيٽ ڪئي وئي.رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 48 سيڪڙو مائرون 5 مهينن تائين پنهنجي ٻارن کي مڪمل طور کير پيئارينديون آهن، جڏهن ته 15 سيڪڙو مائرون زبردستي ۽ 17 سيڪڙو جُزوي (نالي ماتر) پنهنجو کير پيئارين ٿيون، اُن کانسواءِ 20 سيڪڙو مائرون ته پنهنجي ٻارن کي شروع کان ئي کير نٿيون پيئارين. سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 45 سيڪڙو عورتون ٻار جي پيدا ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ اندر، جڏهن ته 25 سيڪڙو مائرون 24 ڪلاڪن ۾ ٻار کي پنهنجو کير پيئارينديون آهن. سروي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مائرن طرفان ٻارن کي پيدائش کان هڪ سال تائين کير پيئارڻ جو رجحان ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ صوبي ۾ آهي، جتي اُها شرح 77 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اهڙين مائرن جي شرح 62 سيڪڙو آهي. اُن کانسواءِ ڪي پي ۾ اها شرح 74، بلوچستان ۾ 69، اسلام آباد ۾ 74، فاٽا ۾ 71، آزاد ڪشمير ۾ 65 ۽ گلت بلتستان ۾ 72 سيڪڙو شرح آهي. سروي رپورٽ جي سربراهه جو چوڻ هو ته پنج مان هڪ ڪُٽنب ۾ ماءُ تازي ڄاول ٻار کي ته پنهنجو کير پيئاريندي ئي ناهي، اهو رجحان رڳو شهري نه پر ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به ڏٺو ويو آهي. اُن حوالي سان ماڻهن ۾ شعور اُجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *