پاڪستان ۾ دھشتگرد واقعن جي گهٽجڻ جو پوري دنيا اعتراف ڪيو آھي: چودري نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن دهشتگرد تنظيم جو نيٽ ورڪ يا هيڊ ڪوارٽر موجود ناهي ۽ نه ئي ڪنهن دهشتگرد تنظيم کي پاڪ ڌرتي تي ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي جيڪڏهن ڪنهن کي ڄاڻ آهي ته اها شيئر ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ هاڻي دهشتگردي جا نيٽ ورڪ سرحد کان ٻاهر آهن سڄي ملڪ ۾ هزارين گرفتاريون ٿيون آهن، امن امان جي بهتر صورتحال جي تعريف سڄي دنيا ڪري رهي آهي، دهشتگردن ۽ فرقيواراڻا تنظيمن ۾ فرق آهي. ڪراچي جي صورتحال سڀني گڏجي بهتر ڪئي، ڪيترن ئي ماڻهن کي هرو ڀرو پوائنٽ اسڪورنگ جو شوق آهي. هن چيو ته ايوان ۾ ڏنل منهنجي گذريل بيان کان پوءِ ان بيان کي ايوان جي ٻاهران نوان نوان لفظ ڏنا ويا جنهن ڏينهن مان اهو بيان ڏنو هو بهتر ٿئي ها ته انهيءَ ڏينهن وضاحت گهري وڃي ها مان سينيٽ جي چيئرمين کي اهو چوندس ته اسان کي حقيقتن ۽ دليل سان گڏ سچ ڳالهائڻ گهرجي. ايوان ۾ جيڪا ڳالهه ٿئي ان جو ايوان ۾ جواب اچڻ گهرجي. پنهنجي بيان جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ان لاءِ پاڻ ايوان م آيو آهيان. منهنجي اڳوڻي بيان جي ڪاپي هن ايوان ۾ ورهائي وڃي، جيڪڏهن مان اهو چيو آهي ته دهشتگردن سان نرمي ڪئي وڃي ته ان جو جوابدار آهيان. مان اهڙي قسم جا لفظ استعمال ناهن ڪيا انهن سينيٽرن جو ٿورو مڃان ٿو جنهن هوش مان ۽ حقيقت ۽ دليل سان ڳالهه ڪئي اڄ اسان پابندي مڙهيل تنظيمن جي باري ۾ ٻنهي ايوانن ۾ ڳالهه ڪيون ٿا ان معاملي تي ميڊيا ۾ به ڳالهه ٿيندي آهي. مان ٻنهي ايوانن ۾ ظاهر چيو ته سيڪيورٽي سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، ڪراچي جي صورتحال جي حوالي سان 28 آگسٽ 2013 جون اخبارون ڪڍيون وڃن ڊاڪٽر فاروق ستار ڪهڙو مطالبو رکيو هو ان کانپوءِ مان سنڌ جي وڏي وزير کي ڪپتان چيو رينجرز هيڊ ڪوارٽرز، گورنر، سينيئر سياسي اڳواڻن سميت وڏي وزير سان گڏ سڀني سان ملاقاتون ڪيون مان وڏي وزير کي چيو ته اهو صوبائي مسئلو آهي سڄو ڪريڊٽ توهان جو آهي صورتحال کي بهتر ڪيو ، مان هميشه چيو ته اها گڏيل ذميواري آهي قائم علي شاهه تي وڏو دٻاءُ هو پر هن بهترين ڪم ڪيو. فيصلا وفاقي حڪومت ڪيا گهرو وزارت جو بنيادي ڪردار هو پر پاڪستان فوج، سول آرمڊ فورسز، ڳجهن ادارن، عوام ۽ پوليس سميت صوبائي حڪومتون سڀ گڏ نه هجن ها ته صورتحال بهتر نه ٿئي ها پنج کان ڇهه ڌماڪا هر ڏينهن ٿيندا هئا هاڻي مهينن هفتن تائين ڌماڪا نه ٿا ٿين. اتروزيرستان مان دهشتگرد حملا ٿيندا هئا ڇو نه ڪنهن ڪارروائي ڪئي دهشتگردن جو نيٽ ورڪ هاڻي سرحد پار آهي انهن جي سهولتڪارن ۽ مدد ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ٿي آهي هزارين ماڻهن کي پڪڙيو ويو آهي ڪيترن جي خلاف ڪيس ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪيترن تي نظر کتل آهي هن چيو ته فرقيوراڻي سرگرمين ۾ ملوث تنظيمن جا اڳواڻ ته ڪالعدم ٿي وڃن ٿا اهي به اهڙي طرح ڪيس ڀوڳي رهيا آهن جهڙي نموني دهشتگرد پر انهن جا ورڪرز ۽ پيروڪار جن تي الزام نه ٿو لڳايو وڃي انهن جي خلاف ڪارروائي لاءِ قانون ناهي ڇو ته هو دهشتگردي ۾ ملوث نه هوندا آهن. هتي چيو ويو ته مان جماعتن سان ملندو آهيان جنهن سان مان مليل آهيان جي يو آءِ (ف) جي يو آءِ (س) ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان مليو آهيان. اڳوڻين حڪومتن جي وزيرن سان ڪڏهن هو ملندو رهيو تڏهن به گوڙ نه ڪيو ويو، ان وقت جي صدر سان به جڏهن هڪ صاحب مليو ان جون تصويرون به موجود آهن تڏهن ته ڪنهن به ڳالهه نه ڪئي. هڪ صاحب قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهي تڏهن ڪنهن ڪارروائي نه ڪئي هو پي ايم ايل اين جي اميدوار کان هارجي ويو ان کانپوءِ اسان جي اميدوار کي ڊي سيٽ ڪيو ويو تڏهن ته ڪنهن ٻرنڪ به نه پڇي سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽس ۾ به ڀڄندا رهيا تڏهن به اهي گوڙ ڪن ٿا ته مون کي سٺو لڳي ٿو. دهشتگرد تنظِيم جي ڪابه گنجائش ناهي پر فرقيوراڻي سرگرمي ۾ ملوث ماڻهن جي حوالي سان قانون ۾ فرق آهي، سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، هن اسيمبلي جي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته سيڪيورٽي جي معاملي کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي ڪڏهن سنڌ  ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت تي تنقيد نه ڪئي آهي سيوهڻ واقعي کانپوءِ منهنجي مٿان تنقيد ڪئي جنهن جي وضاحت ڪئي. ان کان اڳ سينيٽر سحر ڪامران رٿ پيش ڪئي هي ايوان وفاقي گهرو وزير جي سينيٽ ۾ 10 جنوري 2017 تي ڏنل بيان کي بحث هيٺ آندو وڃي رٿ تي بحث دوران هن چيو ته پابندي مڙهيل دهشتگرد گروهن ، پابندي مڙهيل فرقيواراڻي تنظيمن ۾ فرق نه ڪرڻ گهرجي سينيٽر تاج حيدر چيو ته پرائيويٽ هٿياربند گروپن کي پاڪستاني ڌرتي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ نه ڏيڻ گهرجي. سينيٽر ميان عتيق شيخ ٻڌايو ته اسان جا دشمن ملڪ ۾ به آهن ۽ ٻاهر به جهونا ڳڙهه، حيدرآباد ۽ والاريل ڪشمير جي نمائندن جو سيٽون به هن ايوان ۾ رکڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪرڻ گهرجي جهڙي طرح ڀارت جي اسيمبلي ۾ ڪيون ويون آهن. ن ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي چيو ته نه صرف گهرو وزير کي تنقيد جو نشانو بنائڻ مناسب نه آهي ڪجهه ماڻهن کي چوڌري نثار پسند ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *