پاڪستان ۾ دهشت ڦهلائيندڙ جٿن کي برداشت نه ڪيو ويندو: قومي سلامتي بابت اجلاس ۾ فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشت ڦهلائيندڙ جٿن کي ڪڏهن برداشت نه ڪيو ويندو، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، سومر تي وزيراعطم محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي بابت هڪ اجلاس ٿيو، وزيراعظم هائوس جي بيان مطابق اجلاس دوران نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف مرحلن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار ناصر جنجوعا، سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جنرل راحيل شريف، چيف آف جنرل اسٽاف ليٽيننٽ جنرل زبير محمود حيات سميت ٻيا سول ۽ فوجي عملدار پڻ موجود هئا، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشت ڦهلائيندڙ جٿن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ڪراچي جي صورتحال اڳ کان بهتر آهي، سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *