پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن جون پاڙون افغانستان ۾ آهن: اعزاز چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن جون پاڙون افغانستان ۾ آهن، پاڪستان دهشتگردن جا سمورا محفوظ ٺڪاڻا ختم ڪري ڇڏيا آهن، هن چيو ته هاڻي افغانستان جو وارو آهي ته اهو محفوظ ٺڪاڻن جو خاتمو ڪري، پاڪستان افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته نئين افغان پاليسي بعد ڪيترائي نڪتا بحث طلب آهن، پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اربين رپين جو نقصان کنيو، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي رڳو افغانستان جي تناظر ۾ نه ڏسڻ گهرجي، اعزاز چوڌري وڌيڪ چيو ته سفيرن جي ڪانفرنس ۾ اسان نئين آمريڪي پاليسي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *