پاڪستان ۾ دشمنن طرفان هائيبرڊ جنگ جاري آهي، سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو: پاڪ فوج

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڪالهه اهڙو بيان ڏنو ويو، جنهن ۾ قومي سلامتي جي تاريخ کي ڇِٿڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ پريس بريفنگ ڏيندي ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو ون پوائنٽ ايجنڊا رڪارڊ جي درستگي آهي، گذريل ڏينهن هڪ بيان ڏنو ويو، جنهن ۾ تاريخ کي ڇِٿڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، اهڙي ناڪاري موقف جا قومي سلامتي تي سڌي ريت ناڪاري اثر پوندا آهن، ناڪاري موقف ڀارت جي شڪست کي گهٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پلواما واقعي کانپوءِ ڀارت 26 جنوري تي نه رڳو موچڙو لڳو پر ان تي سڄي دنيا ۾ ٺٺول به ٿي، دشمن جا جهاز جيڪو بارود پاڪستاني عوام ڪي ڪيرائڻ آيا هئا، اهو خالي جبلن تي اڇلائي هليا ويا، پاڪ فوج دشمن جي عزمن کي ناڪام بڻايو، پاڪستان ڀارت کي ڏينهن جي روشني ۾ جواب ڏنو، دشمن جا 2 جهاز ڪيرايا، پائلٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته الله جي ڪرم سان اسان کي ڀارت خلاف واضح فتح نصيب ٿي ۽ سڄي قوم جو ڪنڌ فخر سان اوچو ٿيو، پاڪستان جي فتح کي سڄي دنيا ۾ تسليم ڪيو ويو، ڀارتي پائلٽ اڀي نندن جي آزادي کي ڪنهن ٻي شئي سان ڳنڍڻ انتهائي گمراهه ڪندڙ آهي، اها شئي ڪنهن به پاڪستاني لاءِ قبولڻ جوڳي ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اڀي نندن کي جنيوا ڪنوينشن تحت ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور موقعي ڏيندي اڀي نندن کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي ان فيصلي کي به سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *