پاڪستان ۾ خطرناڪ ”اومي ڪرون“ جو پهريون شڪي ڪيس ظاھر، سنڌ حڪومت تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي اوميڪرون ويرنٽ جو پهريون ڪيس ظاهر ٿي ويو جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي مرضن جي ماهرن اوميڪرون ويرنٽ ڪراچي ۾ ڦهلجڻ جو خدشوڏيکاري ڇڏيو جڏهن ته اوڀر ضلعي ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جي سفارش به ڪئي وئي آهي ڪراچي سان تعلق رکندڙ 65 ورهين جي عورت ۾ اوميڪرون ويرينٽ جي تصديق ٿي آهي. اوڀر ضلعي جي رهواسڻ ڄاڻايل عورت ڪرونا وائرس جي ويڪسين نه لڳرائي هئي. جيڪا خانگي اسپتال مان صحتياب ٿي گهر وڃي چڪي آهي عورت جي مڙس سميت گهر جا ٻه ماڻهو به ڪرونا وائرس سان متاثر آهن صحت کاتي اهو انڪشاف ڪيو ته متاثر عورت جي ڪائي ٽريول هيسٽري سامهون نه آئي آهي اوميڪرون جي شڪ ۾ عورت سميت چئن مڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وئي هئي صحت کاتي مطابق چئني ماڻهن کي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جن مان هن عورت سميت ٻن ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته هڪ مريض جي رزلٽ جو انتظار آهي صحت کاتي جو اهو به چوڻ اهي ته ٻن ماڻهن کي گهر روانو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻه مريض اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. انهن چئن ماڻهن مان هڪ شخص کي ويڪسينيشن ٿيل آهي صحت کاتي پاران اوميڪرون جو ڪيس اچڻ کان پوءِ اوڀر ضلعي ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ان حوالي سان سنڌ جي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو ميڊيا سان ڳالائيندي چيو ته ڪرونا جي اوميڪرون ويرنٽ جي اسان وٽ پهرين ٽيسٽ هاڪاري ئي آهي متاثر عورت جي مائٽن ۽ ان سان ملندڙن جي ڪرونا ٽيڪسٽ ٿيندي قاسم سومرو چيو ته انٽرنيشنل اڏامون کلڻ سبب اوميڪرون ويرنٽ جو ظاهر ٿيڻ جو خدشو هو هن چيو ته عالمي سطح تي اوميڪرون جي ڪجهه ڪيسن ۾ پي سي آر ٽيسٽ پازيٽو نه هئي هنچ يو ته ڪرونا وائرس جو نئون ويرنٽ تمام گهڻو تبديل ٿيل آهي قاسم سومرو جو اهو به چوڻ آهي ته اسان وٽ موجود پي سي آر ڪٽس ڊيلٽا ويرنٽ تي فوڪسڊ آهن صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سيمپل وٺي اوميڪرون جي تشخيص ڪئي وڃي ته وڌيڪ ڪيس سامهون ايندا.  سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪتر عذرا پيچهو ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس جي اوميڪرون ويرنٽ جي پهرين ڪيس جي حوالي سان چيو آهي ته ڄاڻايل عورت مريض ۾ وائرس جي نشانين مان لڳي رهيو آهي ته هي اوميڪرون آهن اوميڪرون وائرس جي صورتحال جي حوالي سان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو اهي ته ڪراچي ۾ اوميڪرون وائرس جي شڪي ڪيس جي جينومڪ اسٽيڊي جاري آهي. هن چيو ته اوميڪرون وائرس تيزيس ان پکڙجي ٿو جڏهن ته ان ۾ موت جو تناسب گهٽ آهي. صحت جي وزير چيو ته ڏکڻ آفريڪا مان ايندڙ رپورٽس مطابق وائرس جي هن قسم سان وڌيڪ گهڻيون فوتگيون رپورٽ ناهن ٿيون گهن چيو ته جينومڪ اسٽيڊي جا نتيجا اچڻ ۾ ٻن هفتن تائين وقت لڳي سگهي ٿو وائرس جي ڪنهن به قسم کان بچڻ جو بهترين حل ويڪسينيشن ڪرائڻ آهي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته ويڪسين نه ڪرائڻ جي ڪري وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو اوميڪرون جي شڪي مريض ويڪسينيٽيڊ نه هئي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳائڻ کان پوءِ بوسٽر ڊوز به لڳرائين بيماري جي ڪنهن به قسم کان بچڻ لاءِ احتاط ۽ ٽڪا لڳرائڻ لازمي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *