پاڪستان ۾ جمهوريت جو وجود صرف ۽ صرف پيپلزپارٽي جي ڪري آهي: قائم علي شاهه

02 copyسانگهڙ (ڊ.ر) پاڪستان ۾ جمهوريت جو وجود صرف پيپلزپارٽي جي ڪري آهي جنهن لاءِ سڀ کان پهريان شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ڊڪٽيٽر ايوب خان کان جمهوريت جو حق کسي ورتو ان کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو 30 سالن تائين ڊڪٽيٽرن سان بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ 2007 ۾ وطن اچي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي جمهوريت بحال ڪرائي هن چيو ته هن وقت به پيپلزپارٽي وٽ اها ئي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري جي صورت م موجود آهي جيڪا 18 آڪٽوبر کان ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ جمهوريتجي بحالي لاءِ ڪراچي کان هڪ وڏي تاريخ ساز اجتماع کي خطاب ڪري پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪندو هن چيو ته انڊيا يا دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ پيپلزپارٽي جهڙي سياسي جماعت نه آهي جنهن جي قيادت ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏي هو جمعي تي سانگهڙ ضلعي جي شهر جهول ۾ تازو ئي پ پ ۾ شموليت ڪندڙ رانا عبدالستار پاران سندس اعزاز ۾ ڏنل استقباليه کي خطاب ڪري رهيو هو سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهو اسان نٿا چئون پر خود اقوام متحده قرارداد پاس ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن جي خدمتن کي ساراهيو سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پ پ پاڪستان جي سمورين قومن ۽ برادرين لاءِ بنا فرق خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ سنڌ جي حقن جو پڻ تحفظ ڪيو آهي هن مثال ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪوئلي تي سنڌ جي ملڪيت تسليم ڪرائڻ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي ۽ هاڻي اسان هي ايڪٽ پاس ڪرايو آهي ته جنهن علائقي مان گئس نڪرندي ان علائقي کي گئس جي سهولت جي فراهمي ۾ ترجيحي ڏني ويندي. هن چيو ته هي پ پ جي بنا فرق خدمتن جو نتيجو آهي جو اڄ هن تقريب ۾ ٻين جماعتن جي عهديدارن ۽ سوين ورڪرن ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي جن کي اسان ڀليڪار چئون ٿا پ پ هڪ فئملي وانگر پارٽِ آهي جنهن ۾ ورڪرن جي عزت ۽ حوصلو وڌايو وڃي ٿو هن چيو ته سانگهڙ پ پ جو قلعو آهي ۽ هتان نه صرف پ پ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کٽيون آهن پر هتان جا ماڻهو 18 آڪٽوبر جي جلسي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري علائقي جي سياست ۾ هلچل پيدا ڪندا. وڏي وزير رانا عبدالستار، شازيه مري، عاجز ڌامره ۽ ٻين مقررن پاران پيش ڪيل مسئلن جو حوالو ڏيندي اعلان ڪيو ته سانگهڙ ضلعي لاءِ شهدادپور ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي پر سانگهڙ ۾ سنڌ يونيورسٽي جو ڪئمپس قائم ڪيو ويندو هن ضلعي جي عام روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو پڻ اعلان ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته ماڻهن کي بجلي ۽ گئس جون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون هن پڇري تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ آبپاشي کاتي جي اهلڪارن کي هدايت ڪئي. ان کان اڳ تقريب جي ميزبان حاجي عبدالستار آجياڻو پيش ڪيو ۽ سانگهڙ جي ترقي لاءِ اسپيشل ترقياتي پئڪيج ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو تقريب کي ضياءُالحسن لنجار، پ پ شهيد بينظير آباد جي صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ هميشه ماڻهن جي بنا فرق خدمت ڪئي آهي جنهن جو مثال اڄ ڪيترنئي برادرين پاران پ پ ۾ شموليت جو اعلان آهي هن چيو ته سانگهڙ ضلعي جا ماڻهو ڪيترنئي ڏهاڪن کان پيرن ۽ ميرن وٽ يرغمال هئا جن کي پ پ اچي آزاد ڪرايو آهي جڏهن ته ايم اين اي شازيه مري خطاب ڪندي چيو ته سانگهڙ ضلعي ۾ پ پ جو ٻج هميشه لاءِ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو پوکيو هو هن چيو ته سانگهڙ ضلعو معاشي لحاظ کان فعال ضلعو آهي پر هتي روڊن جي بهتر نيٽ ورڪ جي ضرورت آهي پ پ جي ضلعي صدر سرفراز راڄڙ چيو ته پ پ اها جماعت آهي جن هميشه ماڻهن جي ڏکڻ سورن ۾ خدمت ۽ مدد ڪئي آهي تقريب کي سينيٽر عاجز ڌامره، روشن جوڻيجو، فداحسين ڏيرو سميت پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙن پڻ خطاب ڪيو. پاڪستان پيپلزپارٽي شموليت اختيار ڪندڙن ۾ مسلم ليگ (ن) جو ضلعي صدر محمد نواز، بلو ڀتي، جنت خان پٺاڻ، مسلم ليگ (ق) جو اسلام الدين قريشي، مسلم ليگ (ف) جو نائب صدر جمال الدين آرائين، احمد بلوچ سردار فاروق بلوچ نعيم احمد آرائين ۽ ٻين ورڪرن پيپلزپارٽِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اهي 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ٿيندڙ جلسي ۾ سوين گاڏين جي قافلي جي صورت ۾ شرڪت ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *