پاڪستان ۽ چين گڏيل ڪوششن سان گڏيل چئلينجن کي منهن ڏئي سگهن ٿا: آرمي چيف

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين گڏيل چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن کي گڏيل ڪوششن ذريعي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. آءِ ايس پي آر موجب اسلام آباد ۾ چين جي پيپلز لبريشن آرمي چيف جي 90 هين سالگره جي سلسلي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان ۽ چين اهم اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن ۽ پاڪ فوج کي چين سان پنهنجي دوستي تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ چين جي لبريشن آرمي ۾ پيشور سهڪار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، پاڪ چين لاڳاپا ساراهه جوڳا آهن جنهن جو دنيا ۾ ڪوبه مثال نه آهي. سندس چوڻ هو ته پيپلز لبريشن آرمي دنيا جي بهترين فوجن مان هڪ آهي، پاڪ چين دوستي زندگي جي سمورن رخن بابت آهي ۽ اها دوستي هر ڏينهن سان گڏ وڌي رهي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪ چين لاڳاپن ۾ چين هميشه پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي، چين هميشه ڪشمير مسئلي، شنهگائي سهڪار تنظيم جي ميمبرشپ جي معاملي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو، عالمي فورمن تي پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *