پاڪستان ۽ چين ڀارتي اهم هنڌن تي حملي جي سازش ڪري رهيا آهن: راج ناٿ سنگهه

حيدر آباد (اين اين آءِ) ڀارتي گهرو وزير راج ناٿ سنگهه هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين کي ڀارت جي تيز ترقي حضم نه پئي ٿئي، ٻئي ملڪ ڀارتي معيشت کي ڪمزور ڪرڻ ان جي اسٽريٽجڪ ۽ اهم هنڌن کي نقصان رسائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، ڀارتي اخبار مطابق گذريل ڏينهن راج ناٿ سنگهه قومي صنعتي سيڪيورٽي اڪيڊمي ۾ مرڪزي صنعت سيڪيورٽي

فورس جي اسٽنٽ ڪمانڊو ۽ سب انسپيڪرز جي پريڊ کانپوءِ چيو ته مان يقيني سان چئي سگهان ٿو ته بين الاقوامي برادري ۾ ڀارتي معاشي ساک ۾ اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڀارت جو شمار دنيا جي سڀ کان وڏي اڀرند معاشي طاقتن ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ايندڙ 5 کان 8 سالن ۾ 7 هزار ارب جي معيشت بڻجڻ لاءِ تيار آهي جيڪا موجوده وقت ۾ 2 هزار ارب آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *