پاڪستان ۽ چين جي دوستي مثالي دوستي آهي: وڏو وزير

KHI1-26ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه گذريل رات چين جي 65هين قومي ڏينهن جي حوالي سان مقامي هوٽل ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي چين جي قونصل جنرل مايائو سنڌ جي وڏي وزير جو استقبال ڪيو ان موقعي تي صوبائي وزير نثاراحمد کهڙو، روبينا قائمخاني، سنڌ جي وڏي وزير جا خاص معاون راشد رباني شرميلا فاروقي ۽ مختلف ملڪن جا قونصل جنرلز ۽ مختلف زندگي جي شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به پيش ڪيا ويا ان موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي سيد قائم علي شآهه عوامي جمهوريه چين جي حڪم تي عوام کي 65هين قومي ڏينهن جي موقعي تي واڌايون پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا پراڻا ۽ ويجها لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان ۽ چين جي دوستي مثالي دوستي آهي هن چيو ته چين سان پاڪستان جي دوستي جو ڪريڊٽ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو کي مليل آهي جنهن چين سان دوستي ڪري هڪ تاريخي انقلابي قدم کنيو وڏي وزير چيو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جا چين جي تازي دوري دوران شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کين ملڪ جي سربراهه جيترو پروٽوڪول ڏنو ويو سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ چين سان حڪومتي سطح ۽ عوامي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت مختلف شعبن خاص ڪري زراعت ۽ توانائي ۾ چين جي ماهرن جي مهارت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي حڪومت سان ڪيترن ئي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون آهن هن چيو ته اقتصادي رابطن کان علاوه ثقافتي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي به خاص توجهه ڏني پئي وڃي وڏي وزير چيو ته اسان چين جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون جنهن پاڪستان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ هتي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ان موقعي تي چين جي قونصل جنرل معزز مهمانن جي اعزاز ۾ آجياڻو پيش ڪندي چيو ته چين پاڪستان سان اڃا وڌيڪ لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي هن سنڌ جي وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته چين جي حڪومت سنڌ صوبي ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري رهي آهي جنهن اقتصادي معاشي، ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *