پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽي وڌو: اعتزاز احسن

ڳڙهي خدا بخش(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي فيڪٽرين ۾ مزدورن جي لاءِ قانون ٺاهيا، سنڌ جي سمورن شهرن مان ماڻهو اچي رهيا آهن، پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي بنياد ذوالفقار علي ڀٽي وڌي. ڳڙهي خدا بخش ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته ذوالفقار ڀٽي پاڪستان کي ايٽمي ملڪ بڻايو، ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي مضبوط، ايمٽي، جمهوري ۽  ملڪ کي مضبوط ڪرڻ واري خدمت ڪئي. هن چيو ته  2013ع  واريون چونڊيون شفاف نه هيون، اڄ ڀٽي جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي جڏهن ته ڀٽي صاحب ملڪ جون بي شمار خدمتون ڪيون. هن چيو ته ڀٽي هارين کي زمينون ڏنيون، پاڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ هاڻ به هڪ ڀٽي جي ضرورت آهي. اسان جي ملڪ ۾ رڳو نواز شريف ئي محفوظ آهي، نواز شريف پاڻ قبوليون ته لنڊن وارا فليٽ سندس ئي هئا، نواز شريف جي والد اربين رپين جو واپار ڪيو پر ڪو به رڪارڊ ناهي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ قمر الزمان ڪائره چيو ته  شهيد ڀٽو جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *