پاڪستان ۽ ڀارت ۾ لائين آف ڪنٽرول تي جاري ڇڪتاڻ تمام جلد ختم ٿي ويندي: اسحاق ڊار

واشنگٽن(م.ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ لائين آف ڪنٽرول تي جاري ڇڪتاڻ تمام جلد ختم ٿي ويندي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ٿيڻ گهرجي. واشنگٽن ۾ آمريڪي ٿنڪ ٽئنڪ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڪمشير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ حل ٿيڻ گهرجي، ڀارت سان ڪشمير مسئلي سميت ٻيا معاملا پرامن طريقي سان حل ٿيڻ گهرجن جئين اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا متاثر نه ٿين. اسحاق ڊار چيو ته پاڪ ڀارت لاڳاپا مضبوط ٿيڻ سان خطي ۾ ترقي ٿيندي، بهتر لاڳاپن سبب معيشت ۾ بهتري آئي آهي.. هُن چيو ته پاڪستان به ايٽمي طاقت آهي، ڀارت کي ڀرپور جواب ڏئي سگهجي ٿو، پر هو پرامن طريقي سان سمورا معاملا حل ڪرڻ چاهين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *