پاڪستان ۽ ڀارت بابت شڪ آهي ته ايٽمي  جنگ تائين پهچي سگهن ٿا،آمريڪي فوج جو ڪردار اهم هوندو: آمريڪي ميگزين

نيويارڪ (م.ڊ)  هڪ آمريڪي ميگزين  پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت بابت شڪ آهي ته ڏکڻ ايشيا جا ٻئي ملڪ ايٽمي  جنگ تائين پهچي سگهن ٿا، هلندڙ منظرنامي کانپوءِ آمريڪا جي زميني

فوج جو صور حال کان ڌار رهڻ  تقريبن ناممڪن هوندو، آمريڪي ميگزين “نيوز ويڪ” مطابق پاڪستاني فوج عددي  حساب سان هن وقت د نيا جي چوٿين نمبر تي آهي، هن فهرست ۾ 16 لک فوجين سان گڏ چين پهرين فهرست، 11 لک 50 هزار سان ڀارت ٻئي ۽ 10 لک 20 هزار سان اتر ڪوريا جي فوج ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته آمريڪا جي فوج 5 لک 39 هزار 450 جوانن سان گڏ پنجين نمبر تي آهي، پر حيران ڪند ڙ حقيقت هي آهي ته گذ ريل سال دفاعي خرچن جي لحاظ سان پاڪستان دنيا جي پهرين 20 ملڪن جي فهرست ۾ شامل نا هي، جڏهن ته آمريڪا دفاعي خرچن جي لحاظ سان پهرين ۽ ڀارت نائين نمبر تي آهي، ميگزين مطابق ٻنهي ملڪن وچ ۾ پهرين به ٽن کان چار جنگيون ٿي چڪيون آهن، جن ۾ ڪارگل جنگ جو به شمار ڪري سگهجي ٿو، مستقبل ۾ جوهري تڪرار شد ت اختيار ڪئي ته جنگبندي لاءِ پرڏيهي فوج جو ڪردار ممڪن ٿي سگهي ٿو، ميگزين ٻنهي ملڪن وچ امڪاني جنگ تي لکيو آهي ته ڪو به انتهاپسند گروپ ٻنهي ملڪن کي ان نازڪ موڙ تي آڻي سگهي ٿو، هوشيار فوجي سوچ کان متاثر محدود ڀارتي روايتي ڪارروائي به اسلام آباد، لاهور يا ڪنهن ٻئي پاڪستاني شهر کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي، ان صورتحال ۾ آمريڪي فوج جو ڪردار اهم هوندو ،ڪنهن ٻئي وٽ اها صلاحيت يا مشن کي سنڀالڻ جو سياسي اعتماد نه ٿو ٿي سگهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *