پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ڪرڪيت ٽيسٽ اڄ شروع ٿيندي

جميڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيست ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) جعمي کان سبائنا پارڪ ڪنگسٽن جميڪا ۾ شروع ٿيندي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پريڪٽس سيشن ۾ بيٽنگ ۽ فيلڊنگ تي وڌيڪ زور ڏئي رهي آهي، پاڪستان جي ٽي -20  ۽ ون ڊي سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي رهي آهي، گرين شرٽس ٽي -20 سيريز 1-3 ۽ ون ڊي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪئي، يونس خان ۽ مصباح الحق ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندو، ان لاءِ هو پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پراميد آهي، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هن وقت تائين کيڏيل سيريز ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5-5 تانبرابري آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ 30 اپريل کان 4 مئي تائين بارباڊوس جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ 10 کان 14 مئي تائين ڊومينڪا ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *