پاڪستان ۽ نائيجيريا کي دهشتگردي سميت مختلف گڏيل مسئلن جو منهن آهي: صدر

اسلام آباد (بيورو) صدر مملڪت ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ نائيجيريا کي دهشتگردي سميت مختلف گڏيل مسئلن جو منهن آهي، گڏيل ڪوششن سان جلد ئي انهن مسئلن تي ضابطو آڻي وٺنداسين، ٻئي ملڪ دفاع سميت تمام شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي وڌائي هڪٻئي لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، پاڪستان نائيجيريا جي سيڪيورٽي فورسز کي مختلف شعبن ۾ تربيت فراهم ڪري سگهي ٿو. هو پاڪستان جي دوري تي آيل نائيجيريا جي ايئر چيف ايڊي سولا ايموسو سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. دفاع سيڪريٽري ۽ دفاعي پيداوار سيڪريٽري کان علاوه پاڪستان ۾ نائيجيريا جو سفير به ملاقات ۾ موجود هو. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان منهنجي ئي ويزن مطابق ”لُڪ آفريقا“ پاليسي تي ڪاربند آهي ۽ انهيءَ پاليسي تحت منهنجو پهريون دورو به نائيجيريا جو هو، صدر چيو ته پاڪستان ۽ نائيجيريا جا تجارتي ناتا ڪافي سٺا آهن، وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. نائيجيريا جي ايئر چيف صدر ممنون حسين کي نائيجيريا جي صدر جو خيرسگالي پيغام پهچايو جنهن تي صدر چيو ته هو نائيجيريا جي صدر جي پاڪستان دوري جو منتظر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *