پاڪستان ۽ قطر جو توانائي، دفاع ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ قطر توانائي، دفاع ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، صدر ممنون حسين چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار اڃا وڌائڻو پوندو، مضبوط پاڪستان اسان جي خواهش آهي، مقصد لاءِ تعاون جاري رهندو، افغانستان ۾ چونڊن کانپوءِ پاڪ افغان لاڳاپا بهتر ٿيا آهن، صدر سان امير قطر شيخ تميم بن جماد الثاني ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان قطر سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو حجم صلاحيت کان گهڻو گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي امير قطر چيو ته سندس پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا اڃا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي علامت آهي، مستحڪم پاڪستان اسان جي خواهش آهي ان مقصد لاءِ تعاون جاري رهندو، هن چيو ته پاڪستاني ماهرن ۽ ڪارڪن لاءِ قطر جا دروازا کليل آهن، صدر ممنون حسين افغانستان جون حالتون بهتر ڪرڻ ۾ صدر قطر جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته افغانستان ۾ چونڊن کانپوءِ پاڪ افغان لاڳاپا بهتر ٿيا آهن. پاڪستان جي صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان نه فقط پاڪستان ترقي ڪندو پر ان جو فائدو سڄي خطي کي ٿيندو، صدر چيو ته قطر جي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ توانائي ۽ انفرا اسٽرچڪر جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، امير قطر چيو ته سندس ملڪ جا سيڙپڪار انهن موقعا مان فائدو حاصل ڪندا، صدر فيفا ڪپ ورلڊ ڪپ 2022 جي ميزباني ملڻ تي قطر جي امير کي واڌايون ڏنيون، ملاقات کانپوءِ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ وفدن جي سطح جون ڳالهيون ٿيون، پاڪستان پاران شاهد خاقان عباسي، سرتاج عزيز ۽ ٻيا شامل ٿيا، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن توانائي،دفاع ۽ واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ملاقات ۾ امير قطر صدر ممنون حسين کي قطر جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا پاڪستان جي صدر قبول ڪري ورتي، ان کان اڳ امير قطر ايوان صدر پهتو ته صدر ممنون حسين ان جو شاندار استقبال ڪيو. وزير اعظم هائوس ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمادالثاني وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر جا ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن قطر کي دنيا جو هڪ پرڪشش ملڪ بڻائڻ جي لاءِ قطر جي امير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته قطر جي ترقي انتهائي شاندار ۽ ڀائر ملڪ جي طور تي اسان جي لاءِ فخر جوڳي آهي. هن چيو ته مون کي قطر جي امير جو پاڪستان جي دوري جو اهڙي طرح انتظار هو جهڙي طرح هڪ ڀاءُ کي ٻئي ڀاءُ جو هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستان سمورن شعبن ۾ قطر کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن جو ٻطرفو واپاري ماپو ساليانو 30 ڪروڙ ڊالر کان به گهٽ آهي جيڪو اسان جي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته قطر هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستانين جو گهر آهي جن جي ناڻي جي مٽاسٽا پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ قابل قدر حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان قطر پاران افرادي قوت جي وڌيڪ اضافي جي آجيان ڪندو. قطر جي وفد فيفا 2022ع ورلڊ ڪپ جي ميزباني جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبا شروع ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستاني ڪارڪنن جو انگ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، ڌرين واپار جي فروغ، دفاع ۽ افرادي قوت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته قطر جي امير جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. قطر جي امير چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پاڪستان نه رڳو قطر پر پوري خطي جي لاءِ تمام اهم ملڪ آهي. هن يقين ظاهر ڪيو ته سندس دوري سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا نوان رستا کلندا. قطر جي امير چيو ته قطر توانائي جي شعبي سميت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دستياب موقعن جو مثبت انداز ۾ جائزو وٺندو، ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ مختلف سطحن تي وفدن جا دورا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. قطر جي امير سان ڳالهين جي دور ۾ ڪابينا جي وزيرن، قطر ايئرويز جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن سميت اعليٰ سطحي وفد حصو ورتو. وفدن جي سطح تي ڳالهين دوران توانائي، سيڙپڪاري، واپار، دفاع، افرادي قوت، گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. بعد ۾ وزيراعظم قطر جي امير جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو جنهن ۾ وزير، هٿياربند فوج جي سربراهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اعتزاز احسن، سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق، قطر جي امير جي وفد جي ميمبرن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *