پاڪستان ۽ سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز 11 جولاءِ تي دمبولا ۾ کيڏي ويندي

دمبولا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن هڪ ڏينهن وارين بين الاقومي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 11 جولاءِ تي دمبولا ۾ کيڏي ويندي. پاڪستاني ٽيم اڄڪلهه سري لنڪا ۾ موجود آهي تي اها ميزبان ٽيم خلاف سيريز کيڏڻ ۾ مصروف آهي، ون ڊي سيريز کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽيسٽ سيريز نهايت دلچسپ رهي هئي، پاڪستان پهرين ٽيسٽ ۾ سري لنڪا کي شڪست ڏني ته آئي لينڊرز ٻئين ٽيسٽ کٽي سيريز برابر ڪري ڇڏي، ٽئين ۽ فيصلائتي ٽيسٽ ۾ به ٻنهي ٽيمن وچ ۾ زبردست مقابلو ٿيو پر قسمت گرين شرٽس جو ساٿ ڏنو ۽ ان ميزبان ٽيم کي هارائي سيريز 1-2 سان پنهنجي نالي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *