پاڪستان ۽ زمبابوي مئچ جون ٽڪيٽون وڪامجڻ شروع، 22 مئي تي پهريون مئچ

لاهور(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ گهڻن سالن کانپوءِ خوشي جي خبر اچي وئي. پاڪ زمبابوي وچ ۾ ٿيڻ واري ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز جون ٽڪيٽون ملڻ شروع ٿي ويون آهن. تفصيل موجب ٽي ٽوئنٽي ميچ جي ٽڪيٽ 250 رپين کان وٺي 1500 رپين تائين، جڏهن ته ون ڊي ميچ جي ٽڪيٽ 150 کان وٺي 1000 رپين تائين آهي. پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ پهريون ٽي ٽوئنٽي مچ 22 مئي تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان بورڊ موجب ٻه ڏينهن پهرين ٽڪيٽن جي وڪري جو ڪم شروع ڪيو ويو هو. ميچ جون ٽڪيٽون آن لائين به حاصل ڪري سگهجن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *