پاڪستان ۽ برطانيا جو ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ برطانيا ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي چيو آهي ته برطانيا پاران پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي آهي اسان کي برطانيا انگ اکر آڏو رکندي پاڪستان کي ريڊ لسٽ تي رکڻ جي فيصلي تي غور ڪندو. افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته گهرو ويڙهه، معاشي بحران ۽ پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا عالمي برادري کي 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪيل غلطين مان سبق سکندي افغانستان جي انساني ۽ مالي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. جمعي تي برطانوي پرڏيهي وزير، ڊومينڪ راب وفد سميت پرڏيهي وزارت پهتو ته شاهه محمود قريشي سندس آجيان ڪئي برطانوي پرڏيهي وزير پرڏيهي وزارت جي سبزه زار ۾ يادگاري ٻوٽو لڳايو جنهن کان پوءِ شاهه محمود قريشي ۽ ڊومينڪ راب وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون شاهه محمود قريشي چيو ته اوهان جو هي دورو اهڙي تاريخي وقت تي ٿي رهيو آهي جڏهن افغانستان جي صورتحال اهم تاريخي موڙ مان لنگهي رهي آهي هن چيو ته منهنجو 16 آگسٽ ۽ 27 آگسٽ تي اوهان سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو اسان افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم عمران خان ۽ برطانيا جي وزيراعظم جي وچ ۾ به ٽيليفونڪ رابطو ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون پرڏيهي وزير برطانوي هم منصب کي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ايندڙ تازن رابطن کان به آگاهه ڪيو شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون هن چيو ته اطمينان ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته افغانستان ۾ تازي تبديلي دوران ڪائي رتوڇاڻ ناهي ٿي، هن چيو ته طالبان جي قيادت پاران عام معافي، حقن جو تحفظ ۽ افغان سرزمين کي ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جي خاطري بابت بيان حوصلو ڏيندڙ آهن هن چيو ته هي افغانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جي خاتمي جو هڪ سونهري ۽ تاريخي موقعو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *