پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز پوائنٽن جي بنياد تي کيڏڻ تي اتفاق ٿي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز پوائنٽن جي بنياد تي کيڏڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، ذريعن مطابق پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ شيڊولڊ سيريز پوائنٽن جي بنياد تي کيڏي ويندي، ڊگهي فارميٽ يعني ٽيسٽ ميچز جون 4 پوائنٽ هونديون، جڏهن ته ون ڊي ۽ مختصر فارميٽ يعني ٽي 20 ميچز جون 2، 2 پوائنٽون رکيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميچ برابر ٿيڻ جي صورت ۾ پوائنٽون اڌ اڌ هونديون. پوائنٽن جي بنياد تي سيريز کيڏڻ سان ڪا به سيريز برابري تي ختم نه ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *