پاڪستان ۽ آمريڪا جو ڊگهي مدي پارٽنرشپ تحت معيشت، سيڪيورٽي، دهشتگردي ۽ ٻين اهم معاملن تي ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق

واشنگٽن (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڊگهي مدي پارٽنرسپ تحت معيشت، سيڪيورٽي، دهستگردي ۽ ٻين اهم معاملن تي ٻطرو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته آمريڪا چيو اهي ته مولانا مسعود اظهر جي حراست سميت پاڪستان پاران ورتل اپاءُ ذڪر جوڳا آهن ايٽمي عدم ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي ڪم ڪندا واشنگٽن ۾ پاڪ آمريڪا اسٽريٽجڪ ڳالهين جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ٻنهي ملڪن ڊگهي مدي ٻن پارٽنرشپ تي اتفاق ڪيو آهي ايٽمي عدم ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي ڪم ڪندا مولانا مسعود اظهر جي حراست سميت پاڪستان پاران ورتل اپاءُ ذڪر جوڳا آهن امريڪا پٺان ڪوٽ حملي ۾ پاڪستان جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي ٻنهي ملڪن ۾ ڪسمير سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ پاڪ ڀارت ڳالهين تي اتفاق ڪيو ويو آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري شدت پسندي جي خلاف اپائن تي وزيراعظم نوازشريف جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته افغان مفاهمتي عمل ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي، واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي پرڏيهي صلاحڪار مطابق مارچ جي آخر ۾ پاڪ ڀارت وزيراعظمن جي ملاقات جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *