پاڪستان گهڻو برداشت ڪيو، صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت تي انتهائي صبر جو مظاهرو ڪري رهيو آهي اسان جي صبر کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي گڏيل قوم ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي خلاف  ورزين ۽ ڇڪتاڻ ۾ بنا جواز اضافي جو نوٽيس ورتو اسان جي هٿياربند فوج فائر ڪرڻ ۾ اڳرائي نه ڪندي آهي جڏهن ته ڪنهن به جارحيت جو هميشه ڀرپور انداز ۾ جواب ڏينداسين پاڪستان خطي ۽ ان کان ٻاهر امن سلامتي ۽ خوشحالي جي حصول لاءِ آمريڪا جي نئين چونديل حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ نئين شرڪاء کي ٻڌايو ويو ته ڀارتي فوج پاران فائرنگ جي تازن واقعن جي نتيجي ۾ 26 شهري شهيد ۽ 107 زخمي ٿيا آهن اڱاري تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪنٽرول لائين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ قومي سلامتي جي صلاحڪار ناصر خان جنجوعا وزيراعظم جي معاون خصوصي طارق فاطمي ۽ ٻين سينيئر اختياريون اجلاس ۾ شامل ٿيون اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز ايل او سي جي صورتحال تي بريفنگ ۽ ڀنڀر ۾ ست پاڪستاني فوجين جي شهادت تي حڪومت ردعمل بابت شرڪاء کي آگاهه ڪيو وزيراعظم جي صلاحڪار وزيراعظم کي ڀارت پاران شهري آبادي جي علائقن کي حدف بڻائي انڌانڌن فائرنگ ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن جي باري ۾ آگاهه ڪيو هن چيو ته ڀارتي فوج پاران فائرنگ جي تازي واقعن جي نتيجي ۾ 26 شهري شهيد ۽ 107 شهيد ٿيا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن جيڪا 2003 جي سيز فائر مفاهمت ۽ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي وزيراعظم نوازشريف شهيد جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ڀارتي تشدد جي باوجود انتهائي صبر جو مظاهرو ڪري رهيو آهي جنهن کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي وزيراعظم چيو ته ڀارتي فوج پاران لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو علائقي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته اسان جي فوج فائر ڪرڻ ۾ اڳرائي نه ڪندي آهي پر ڪنهن به اڳرائي جو هميشه ڀرپور انداز ۾ جواب ڏيندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *